حج بيت الله

حج بيت الله

حج بيت الله

حج بيت الله (ڪتاب): هن ڪتاب جي ليکڪا ڊاڪٽر خالده سڪندر آهي. هيءُ ڪتاب حج جي طور طريقن بابت قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ لکيو ويو آهي. ڪتاب ۾ حج جي سفر لاءِ هدايتون، دعائون، لباس، احرام، عمري ۽ حج ادا ڪرڻ جا طريقا ۽ انهن جي فضيلت بيان ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ ڪعبة الله شريف جو تاريخي پسمنظر، حجر اسود، ڪعبي جي خلاف، طواف جو طريقو ۽ هدايتون، آبِ زم زم ۽ سعي جي حقيقت به بيان ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ عمري ۽ حج بابت سمورو احوال موجود آهي. ان کانسواءِ زيارتن جو به تفصيلي ذڪر آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ سال 1998ع ۾ شايع ڪيو. ڪچي جلد ۽ ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪُل 290 صفحا آهن، ۽ هديو فقط هڪ سؤ روپيا آهي.


لفظ حج بيت اللهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو